اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن کي رڪارڊ بلندي تي پهچائي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ آمريڪا جي آبنائي هرمز کي کولڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي في بيرل قيمت 100 ڊالر کان مٿي ٿي وئي آهي.برينٽ خام تيل جي قيمت 23 سيڪڙو وڌي 114.36 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل 27 سيڪڙو وڌي 115.11 ڊالر في بيرل ٿي ويو.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ جاري رهي ته تيل 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿو.










