ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 5 تي چار ڌاڙيلن هڪ بزرگ شهري کي ڦري ورتو.پوليس موجب، واقعو ڪالهه پيش آيو، ۽ موبائل فون مان ورتل وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.وڊيو ۾ ٻن ڌاڙيلن کي هڪ بزرگ شهري کي ڦرندي ڏسي سگهجي ٿو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل شهري کان 290,000 رپيا ۽ هڪ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر بزرگ شهري سکنا پوليس اسٽيشن ۾ واقعي خلاف شڪايت داخل ڪرائي آهي.










