ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 19.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ۽ 34 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.هن وقت اتر اوڀر کان 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ صبح جي وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 91 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.










