ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد جي لانڍي علائقي ۾ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جتي هڪ عورت آئل ٽينڪر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي.ريسڪيو ذريعن موجب، هن سال شهر ۾ مختلف ٽرئفڪ حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 192 تائين پهچي ويو آهي.ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 60 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته مختلف گاڏين جي ٽڪرن ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 1,954 تائين پهچي ويو.










