ڪراچي: ملير ۾ گاڏي پل تان ڪري پئي، 2 نينگر فوت، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي: ملير ۾ گاڏي پل تان ڪري پئي، 2 نينگر فوت، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير جي صالح محمد ڳوٺ ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال نيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب حادثو انهي وقت پيش آيو جڏهن هڪ ويگو گاڏي پل تان هيٺ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻنهي ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي جن جي سڃاڻپ شهزاد ۽ حمزه جي نالن سان ٿي، ٻنهي ٻارن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر اهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي به طبي امداد ڏني پئي وڃي جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو