ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي پاران هڪ شاندار افطار ڊنر جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي معزز ميمبرن جي وڏي انگ سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي ڪراچي)، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ سنڌ، پاڪستان ٽيليويزن، اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن، ايڊورٽائيزنگ ايجنسين جي نمائندن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. افطار ڊنر جي موقعي تي هڪ شاندار ضيافت جو انتظام ڪيو ويو. تقريب هڪ تمام باوقار ماحول ۾ منعقد ڪئي وئي جتي مهمانن جي گرمجوشي سان ميزباني ڪئي وئي. سڀني مهمانن تقريب جي تنظيم جي تعريف ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آخر ۾، منتظمين شرڪت ڪندڙن جي موجودگي جو شڪريو ادا ڪيو.










