گلگت ۽ اسڪردو ۾ ڪرفيو، احتجاجن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا

گلگت ۽ اسڪردو ۾ ڪرفيو، احتجاجن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي انتظام هيٺ علائقي گلگت بلتستان ۾ ايران جي رهبرِ اعليٰ سيد علي خامنه اي جي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهادت خلاف ٿيندڙ پُرتشدد احتجاجن ۾ جاني نقصانن کان پوءِ گلگت ۽ اسڪردو ضلعن ۾ ايندڙ 3 ڏينهن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ سان گڏ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي۔
ياد رهي ته آچر جي علي الصبح ايران طرفان سيد علي خامنه اي جي قتل جي تصديق کان پوءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۽ پاڪستان جي انتظام هيٺ علائقي گلگت بلتستان ۾ وڏي پيماني تي احتجاجي جلسن ۽ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو هو۔
مظاهرين پاڪستان ۾ موجود آمريڪي قونصل خانن، سفارتخانن ۽ ٻين هنڌن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان دوران پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سان ٿيل جهڙپن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مظاهرين مارجي ويا۔
حڪومت پاڪستان طرفان سيد علي خامنه اي جي شهادت جي مذمت ڪندي مظاهرين کي پُرامن رهڻ جون اپيلون پڻ ڪيون ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ دفعه 144 (پنج يا پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي) پڻ لاڳو ڪئي وئي۔
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ٿيل پُرتشدد جهڙپن ۾ هينئر تائين ڪراچي ۾ 10، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ ۽ اسڪردو ۾ پنج ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔
استفسار باوجود گلگت ۾ اختيارين طرفان سرڪاري سطح تي اڃا تائين اهو ناهي ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن ٿيل پُرتشدد احتجاجن ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته بي بي سي سان ڳالهائيندي گلگت ۾ سينيئر پوليس ۽ صحت کاتي جي اختيارين گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي۔
گلگت ۾ شيعه نمائنده تنظيمن هن ضلعي ۾ ست ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته انهن ماڻهن جي اجتماعي نمازِ جنازه اڄ (ٻه مارچ) ڏينهن يارهين وڳي ادا ڪئي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو