ڪراچي/ حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد ۾ اهم تجارتي مرڪزن جو تفصيلي دورو ڪري کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ذاتي طور تي ڀاڄين، ميون، گوشت، اٽي، کنڊ ۽ ٻين بنيادي ضرورت جي شين جي قيمتن جو جائزو ورتو ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته رمضان جي مقدس مهيني دوران سرڪاري قيمتن جي فهرستن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. دوري دوران، ڪجهه دڪاندارن کي قيمتن جي فهرستن کي ظاهر نه ڪرڻ ۽ سرڪاري قيمتن کان وڌيڪ چارج نه ڪرڻ تي تنبیھ ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ موقعي تي موجود شهرين سان پڻ ڳالهايو ۽ قيمتن بابت سندن شڪايتون ٻڌيون. هن واضح ڪيو ته روزن جي مهيني دوران ڪنهن به حالت ۾ منافع خوري ۽ ذخيري اندوزي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ سستي ۽ معياري کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته رمضان برڪتن ۽ رحمتن جو مهينو آهي، ان کي غير قانوني منافع خوري جو ذريعو بڻائڻ افسوسناڪ عمل آهي. هن ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته روزانو بنيادن تي مارڪيٽن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ قيمتن جي چڪاس جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ته جيئن مقرر ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪري سگهجي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.










