هنرمند ليبر لاءِ اٽلي پاران ساڍا ڏهه هزار وزيزا ڏيڻ جو اعلان

هنرمند ليبر لاءِ اٽلي پاران ساڍا ڏهه هزار وزيزا ڏيڻ جو اعلان

روم (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مطالبي تي اٽلي، پاڪستاني سفارتي پاسپورٽ رکندڙن کي ويزا کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي دوري دوران اٽلي جي هم منصب سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ميزبان گهرو وزير پاڪستاني هنرمند مزدورن لاءِ ڏهه هزار پنج سئو ويزا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
محسن نقوي اطالوي گهرو وزير کي غير قانوني اميگريشن يعني لڏپلاڻ خلاف پاڪستان حڪومت جي اثرائتن قدمن بابت آگاهه ڪيو۔
اطالوي گهرو وزير چيو ته غير قانوني لڏپلاڻ، انساني اسمگلنگ ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ پاڪستان جون ڪاميابيون ساراهه جوڳيون آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو