راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي پشين ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران آپگهاتي بمبار سميت فتنه الخوارج جا پنج دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پشين ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران آپگهاتي بمبار سميت پنج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجي ڪيئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا،سندن قبضي مان هٿيار ۽ باوردي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، سڄي ملڪ دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون جاري آهن ۽ دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائيون جاري رهنديون.ٻئي پاسي ڪي پي جي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾4 خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ خارجين جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 خارجي مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.










