اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ دنيا جون 20 ٽيمون کيڏي رهيون آهن، جن ۾ سڳن ڀائرن جون پنج جوڙيون به مختلف ٽيمن ۾ شامل آهن.
اٽلي ۽ آئر لينڊ جون ٻه ٽيمون اهڙيون آهن جن ۾ سڳن ڀائرن جو ڊبل جوڙيون شامل آهن. جڏهن ته نيپال ۾ به سڳن ڀائرن جي جوڙي شامل آهي.
اٽلي جا ٻئي اوپنر جسٽن موسڪا(ننڍو) ۽ اينٿوني موسڪا(وڏو ڀاءُ) کيڏي رهيا آهن. جڏهن ته اٽلي جي ٽيم ۾ هيري ميننٽي (ننڍو) ۽ بينجمن ميننٽي(وڏو) ڀائر آهن.
اٽلي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اصل ڪپتان وين ميڊسن آهي، جيڪو زخمي ٿي پيو هو. ان ڪري بينجمن ميننٽي کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ميننٽي برادرز آهن ته آسٽريليا ڄاوا ۽ هڪ رگبي پليئر جان ميننٽي جا پٽ. سندن والد هن وقت به آسٽريليا ۾ عورتن جي رگبي ٽيم جو ڪوچ آهي.
ميننٽي برادرز آسٽريليا جي بگ بيش ليگ پڻ کيڏي چڪا آهن پر قومي سطح تي اٽلي جي نمائندگي ڪن ٿا. ڇو ته سندن ڏاڏي اٽالين هئي. هي ٻئي ساڄي هٿ وارا آل رائونڊرز آهن.
آئرلينڊ ۾ به ٻن ڀائرن جون جوڙيون شامل آهن جن ۾ مارڪ اڊائر(وڏو) ۽ راس اڊائر (ننڍو) آهي. هن ٽيم ۾هيري ٽيڪٽر(وڏو)، ٽم ٽيڪٽر (وچون) ۽ جيڪ ٽيڪٽر (ننڍو) آهي.
مارڪ اڊائر آل رائونڊر آهي، هو مک بالر آهي ۽ لوئر آرڊر ۾ ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندو آهي. ٽي 20 م هن جون 100 وڪيٽون آهن ۽ ڪافي ففٽيون به اسڪور ڪيون آهن.
راس اڊائر اوپننگ بلاسٽر بيٽر آهي. ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ مارڪ 4 وڪيٽون ورتيون هيون۽ راس (2024) ۾58 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
آئرلينڊ جي ٽيم ۾ ٻي ڀائرن جي جوڙي ۾3 ڀائر شامل آهن، هيري ٽيڪٽر، ٽم ٽيڪٽر ۽ جيڪ ٽيڪٽر شامل آهن. هي ٽئي آل رائونڊر آهن. هيري مڊل آرڊر، ٽم ٽاپ آرڊر ۽ جيڪ اوپنر آهي. ٽئي ڀائر ساڄي هٿ وارا آف بريڪ بالر به آهن.
2026 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽئين ٽيم جنهن ۾ سڳا ڀائر کيڏي رهيا آهن، اها نيپال جي آهي. عارف شيخ (وڏو) آصف شيخ (ننڍو) آهي. عارف شيخ مڊل آرڊر بيٽر ۽ ساڄي هٿ وارو ميڊيم پيسر بالر آهي. جڏهن ته آصف شيخ وڪٽ ڪيپر بيٽر آهي.
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي
بدين، زمين تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 قتل
سنگاپور سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري جو شڪ اتر ڪوريا تي ڇو آهي؟
”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي
نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو
اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي دوران مثبت لاڙو
ڪراچي:موٽرسائيڪل لفٽر سميت 3 جوابدار گرفتار
ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور










