پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف گرينڊ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو

پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف گرينڊ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هي فيصلو ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان ۾ داعش جي ممڪن موجودگي جي خدشي تي به غور ڪيو ويو. پابندي مڙهيل تنظيمن جي سليپر سيلز خلاف آپريشن جي حڪمت عملي تي صلاح مشورا جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو