پاڪستان سان بجلي ٽيرف ۾ تبديلين تي ڳالهيون هلن پيون

پاڪستان سان بجلي ٽيرف ۾ تبديلين تي ڳالهيون هلن پيون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته تجويز ڪيل بجلي جي ٽيرف ۾ تبديلين بابت پاڪستان سان ڳالهيون جاري آهن.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي، آءِ ايم ايف عملدارن چيو ته پاڪستاني حڪومت سان ڳالهين ۾، اهو يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ته ٽيرف ۾ ممڪن تبديلين جو بار وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي نه پوي.آءِ ايم ايف عملدارن موجب، ڳالهين دوران، اهو به جائزو ورتو ويندو ته تجويز ڪيل ٽيرف ترميمون حڪومت جي واعدن سان مطابقت رکن ٿيون يا نه.آءِ ايم ايف عملدارن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل ٽيرف ترميمن جي افراط زر ۽ معاشي استحڪام تي ممڪن اثر جو به تفصيل سان جائزو ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو