پشاور: (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اقتدار مستقل نه هوندو آهي، اڄ اوهان وٽ ته سڀاڻي اسان وٽ هوندو، هر ظلم جو حساب وٺنداسين.
گورنمنٽ ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جمرود جي اپلائيڊ سائنسز طرفان اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ سهيل آفريدي چيو ته جمرود کي سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ترقي ۾ پوئتي رکيو ويو، خيبر، جمرود کي تعليم جي ميدان ۾ آئنده ترقي يافته قومن جيان ترقي ملندي. عمران خان جي وزن موجب انسانن تي انويسٽمينٽ ڪئي وڃي. گذريل 78 سالن ۾ اسان کي (ب) سان بندوق پڙهايو ويو ،هاڻ اسان پنهنجي جوانن کي (ق) سان قلم پڙهڻ سيکارينداسين، اسان غيرتمند به آهيون ۽ بهادر به پر بيوقوف نه آهيون، خيبرپختونخواهه جي عوام هر انهي پاليسي سان بغاوت ڪندي جنهن ۾ اسان جو نقصان هجي.










