13 بيمارين جي ويڪسين مفت فراهم ڪري رهيا آهيون: ڪمال

13 بيمارين جي ويڪسين مفت فراهم ڪري رهيا آهيون: ڪمال

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري اسان جي اولين ترجيح آهي.وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان او آءِ سي پليٽ فارم ذريعي ميمبر ملڪن لاءِ ويڪسين جي تياري تي ڪم ڪري رهيا آهيون.هن چيو آهي ته اسان کي مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري ۾ خودڪفيل ٿيڻو پوندو ڇو ته 2031 کان پوءِ بين الاقوامي ويڪسين امداد جا معاهدا ختم ٿي ويندا.مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي هر سال نيوزي لينڊ جي پوري آبادي کان وڌيڪ وڌي رهي آهي ۽ اسان پنهنجي آبادي کي 13 بيمارين جي خلاف ويڪسين مفت فراهم ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو