اٽڪ: گئس ليڪيج سبب گهر ۾ ڌماڪو، 9 ڄڻا زخمي

اٽڪ: گئس ليڪيج سبب گهر ۾ ڌماڪو، 9 ڄڻا زخمي

اٽڪ (ويب ڊيسڪ)اٽڪ جي حضرو تحصيل جي ڳوٺ خاگواني ۾ هڪ گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو.ريسڪيو عملدارن چيو ته گئس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيل ڌماڪي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي.آفيسرن چيو ته گهر جي ڇت جي ملبي هيٺان ڪرڻ سبب نو ماڻهو زخمي ٿيا.ريسڪيو عملدارن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ سڀني کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو