جي يو آءِ پاران پي ٽي آءِ جي هڙتال جي حمايت

جي يو آءِ پاران پي ٽي آءِ جي هڙتال جي حمايت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 8 فيبروري تي تحريڪ انصاف جي شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جو موقف ساڳيو آهي.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو ته اهي هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهن، هڪ شخص جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، ڪا به هڪ پارٽي اڪيلي سر ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي.ان کان علاوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته دهشتگردي خلاف جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، اسان 8 فيبروري تي ڪنهن کي به مجبور نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو