شهباز مخالف ڌر چيمبر ۾ اچڪزئي سان ملاقات ڪندو

شهباز مخالف ڌر چيمبر ۾ اچڪزئي سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي, ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي سان ملاقات ڪندو.وزيراعظم، پنهنجي وفد سان گڏ، ملاقات لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي چيمبر ۾ پهچندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله تصديق ڪئي ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ اچڻ تي مخالف ڌر جي قيادت سان ملاقات ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالهه وزيراعظم سان پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان ملاقات لاءِ رابطا ڪيا ويا هئا ۽ رانا ثناءُ الله هن ملاقات لاءِ رابطي جو ڪردار ادا ڪيو.ذريعن موجب صدر آصف زرداري جي ڪراچي ۾ موجودگي جي ڪري سومر تي ملاقات نه ٿي سگهي. شهباز شريف ملاقات کان اڳ صدر آصف علي زرداري کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيندو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قازقستان جي صدر جي دوري ۽ مصروفيتن جي ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻ سان ملاقات ۾ وقفو آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو