پيرس(ويب ڊيسڪ)فرانسيسي پراسيڪيوٽر جي آفيس اڱاري ڏينهن ٻڌايو آهي ته جنوري 2025ع ۾ شروع ڪيل جاچ جي سلسلي ۾ايلان مسڪ جي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس (X) جي فرانس ۾ موجود آفيسن جي تلاشي ورتي پئي وڃي.
سي اين اين جي رپورٽ موجب هڪ بيان ۾ چيو ويو ته پراسيڪيوٽر جي سائبر ڪرائيم يونٽ اها ڇاپا مار ڪارروائي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ يورپي پوليس اداري يوروپول پڻ شامل آهي.
پيرس جي پراسيڪيوٽر موجب، ايڪس جي چيئرمين ايلان مسڪ ۽ ايڪس جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو لنڊا ياڪيرينو کي اپريل ۾ ٻڌڻين لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڪس جا ملازم شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرائيندا.
پيرس جي پراسيڪيوٽر لاور بيڪوا چيو ته جاچ کي وڌايو ويو آهي، جنهن ۾ “گروڪ جي جنسي نوعيت واري ڊيپ فيڪس” کي به شامل ڪيو ويو آهي۔










