اسلام اباد(رپورٽ اياز مهر)وفاقي حڪومت رائو عبدالڪريم کي پنجاب جو نئون انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي پي) مقرر ڪيو آهي. اهو فيصلو بظاهر ڀاٽي گيٽ مين هول سانحي کان پوءِ پنجاب پوليس تي ٿيندڙ لڳاتار تنقيد جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن پوليس جي حراستي روين ۽ ڪمانڊ ذميواري بابت بحث کي جنم ڏنو هو.
رائو عبداڪريم، پوليس سروس آف پاڪستان جو بي ايس-21 گريڊ جو آفيسر آهي، جيڪو ڊاڪٽر عثمان انور جي جاءِ تي آيو آهي. ڊاڪٽر عثمان انور کي بدلي ڪري وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪابينا سيڪريٽريٽ جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن، جيڪو پاڪستان گزيٽ پارٽ-ون جي ايندڙ اشاعت ۾ شايع ٿيندو، ۾ چيو ويو آهي ته رائو عبداڪريم جي مقرري فوري طور تي لاڳو ٿيندي ۽ وڌيڪ حڪمن تائين برقرار رهندي.
24هين ڪامن جو آفيسر رائو عبداڪريم ان کان اڳ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل اسپيشل برانچ پنجاب طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ پوليس حلقن ۾ کيس تجربيڪار، پيشاور ۽ ڪمانڊ، انٽيليجنس ۽ آپريشنل معاملن ۾ وسيع تجربي وارو آفيسر سمجهيو وڃي ٿو.
اصل ۾ نوابشاهه سان واسطو رکندڙ، هن 1996ع ۾ پوليس سروس آف پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ميدان توڙي اعليٰ انتظامي سطح تي ڪيترن ئي عهدن تي ڪم ڪيو. انهن ۾ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ آف پوليس يو ٽي سکر، ۽ سکر سٽي، حيدرآباد ۽ چنيؤٽ ۾ سب ڊويزنل پوليس آفيسر جا عهدہ شامل آهن.
بعد ۾ هن گجرانوالا، لاهور ۽ شيخوپورا ۾ سپرنٽنڊنٽ آف پوليس طور خدمتون انجام ڏنيون، جڏهن ته ميانوالي، قصور ۽ جهَنگ ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر طور به مقرر رهيو. سندس اعليٰ عهدن ۾ ڊيپٽي انسپيڪٽر جنرل ٽريفڪ پنجاب، ڊي آءِ جي ٽيليڪميونيڪيشن، ريجنل پوليس آفيسر گجرانوالا، ڪمانڊنٽ پنجاب ڪانسٽيبلري ۽ ايڊيشنل آءِ جي هاءِ وي پيٽرول شامل آهن.
ڊاڪٽر عثمان انور، جنهن کي جنوري 2023ع ۾ آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو، تازن سالن ۾ صوبي جي ڊگهي مدي تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پوليس سربراهن مان هڪ هو. پنهنجي دور ۾ هن تيز تر ترقياتي نظام سميت ڪيترائي انتظامي سڌارا متعارف ڪرايا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ۾ ڊاڪٽر عثمان انور جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو: “ڊاڪٽر عثمان جي تبديلي آڻيندڙ قيادت پنجاب پوليس کي نئين شڪل ڏني، جنهن سان پيشاورانه صلاحيت، سڌارن ۽ عوامي خدمت ۾ نوان معيار قائم ٿيا.”
سندس نئين عهدي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي نقوي چيو ته جڏهن هو ڊي جي ايف آءِ اي جو عهدو سنڀاليندو ته “هڪ نئون دور شروع ٿيندو”، ۽ وڌيڪ چيو ته “سندس ويزن ۽ متحرڪ قيادت سان ايندڙ مهينن ۾ عوام حقيقي ۽ نمايان تبديلي ڏسندو.”
ڊاڪٽر عثمان انور جي بدلي اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن ڀاٽي گيٽ لاهور ويجهو کليل مين هول ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيل سعديه جي مڙس مرتضيٰ ۽ 10 مهينن جي ڌيءَ فاطمه جي واقعي کان پوءِ پوليس تي تشدد جا الزام سامهون آيا.
رپورٽن موجب، واقعي کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ مرتضيٰ کي ڪيس سان لاڳاپي ۾ حراست ۾ ورتو ويو. جڏهن ته شروعات ۾ خاندان تي لاهور ۾ رهائش دوران خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، پر بعد ۾ پنهنجي اباڻي شهر شورڪوٽ موٽڻ کان پوءِ هنن الزام لڳايو ته مرتضيٰ تي ٿاڻي جي ايس ايڇ او شهر جي ايس پي جي موجودگي ۾ تشدد ڪيو.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف واقعي بعد عوامي ڌيان ڇڪجڻ تي ٻين کاتن جي پنج عملدارن خلاف لاپرواهي جي بنياد تي ڪارروائي جو حڪم ڏنو.
انهن الزامن کان پوءِ ڪيس جي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ جاچ ڪميٽي ٺاهي وئي. جاچ دوران پوليس عملدارن مبينا طور چيو ته انهن جا قدم اعليٰ ڪمانڊ جي هدايتن تحت کنيا ويا هئا.
ان دوران، لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت، لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) ۽ ٻين کاتن کان ڀاٽي گيٽ ويجهو کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿيل ماءُ ۽ معصوم نياڻي جي ڪيس بابت جواب طلب ڪيا آهن.
درخواست، جنهن ۾ پنجاب جي اطلاعات واري وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ، عدالتي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي. عدالت سڀني ڌرين کي 3 مارچ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڀاٽي گيٽ جو واقعو هاڻي پنجاب ۾ پوليس نگراني، طاقت جي استعمال ۽ اداري جي جوابدهي بابت بحثن ۾ هڪ اهم ۽ فيصلائتو مسئلو بڻجي چڪو آهي۔










