ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان م دهشتگردن خلاف آپريشن مڪمل ٿي ويو آهي، اسانجي بهادر سيڪورتي فورسز علائقا ڪليئر ڪرايا آهن، اسين دهشتگردن آڏو نه جهڪيا اهيون نه ئي جهڪنداسين. هن چيو ته دهشتگردن سان مقابلي دوران 17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ موجود آهن۔
ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردن 31 معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، گوادر ۾ دهشتگردن پنج عورتن ۽ ٽن ٻارن کي شهيد ڪيو، شهيد ٿيل خاندان جو تعلق خضدار سان هو ۽ اهي بلوچ هئا۔ اهي پاڻ کي بلوچ سڏين ٿا، پر اهي بلوچ نه، دهشتگرد آهن۔
هن چيو ته افغان سرزمين به پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، اطلاعن موجب انهن دهشتگردن سان گڏ افغاني به شامل آهن۔ اڄ بشير زيب، رحمان گل ۽ الله نظر افغانستان ۾ موجود آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ دهشتگرد حملي بابت انٽيليجنس رپورٽ موجود هئي، تنهن ڪري اسان هڪ ڏينهن اڳ ئي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو۔ 145 دهشتگردن جون لاشون اسان وٽ آهن۔ اهي ماڻهو هندستان جي اشاري تي اهڙا واقعا ڪري پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔ جڏهن به پاڪستان اڳتي وڌڻ يا ٽيڪ آف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهڙي قسم جا واقعا ٿين ٿا۔
هن چيو ته اسان هڪ سيڪنڊ لاءِ به سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، اسان هزار سال تائين به انهن خلاف جنگ وڙهنداسين، اسان جو رت سستو ناهي، اسان انهن کي ڇڏينداسين نه، اسان بلوچستان کي انهن لاءِ دوزخ بڻائي ڇڏينداسين۔
مذاڪرات بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ بلوچستان چيو ته اهي ماڻهو هندستان جي اشاري تي بلوچ عوام کي ايندھن ڇو بڻائي رهيا آهن؟ ڇا بي ايل اي ڪا رجسٽرڊ جماعت آهي، جنهن سان مذاڪرات ڪجن؟ اهي بندوق جي زور تي پنهنجو نظريو اسان تي مڙهڻ چاهين ٿا۔
هن چيو ته هن جنگ ۽ تشدد کي محرومين سان ڳنڍيو ويندو آهي، اسان هڪ مارٽر هڻي کين ماري سگهياسين، پر ان سان شهرين جي به جان وڃائي وڃي ها۔ دهشتگرد شهرين ۾ اچي ملي وڃن ٿا۔ اسان جو عزم آهي ته دهشتگردي خلاف وڙهنداسين، انهن خلاف انٽيليجنس آپريشن ڪنداسين، دهشتگردن کي بلن مان ڪڍي ختم ڪنداسين۔










