اسلام آباد)بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نظرثاني ڪئي آهي ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 11.30 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي.پيٽروليم ڊويزن نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق ڊيزل جي قيمت ۾ 11.30 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.واڌ کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 268.38 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 253.17 رپيا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.پيٽروليم شين جون نيون قيمتون پهرين فيبروري کان لاڳو ٿينديون.










