چارٽر جهاز جي ڪريش لينڊنگ، نائب وزيراعليٰ سميت 5 فوت

چارٽر جهاز جي ڪريش لينڊنگ، نائب وزيراعليٰ سميت 5 فوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ جهاز جي ڪريش لينڊنگ جي نتيجي ۾ نائب وزيراعليٰ اجيت پوار فوت ٿي ويو آهي۔
ڀارتي ميڊيا موجب، جهاز کي حادثو پوني ضلعي جي علائقي بارامتي ۾ پيش آيو، ۽ حادثي جو شڪار ٿيل چارٽرڊ جهاز ۾ مهاراشٽرا جو نائب وزيراعليٰ اجيت پوار پڻ سوار هو۔
ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهاز ۾ اجيت پوار جا ٻه ساٿي ۽ عملي جا ٻه ميمبر به سوار هئا، جڏهن ته ابتدائي اطلاعن موجب جهاز ۾ سوار ڪنهن به شخص جي جيئري بچڻ جي خبر ناهي۔
ميڊيا رپورٽن موجب حادثي جا سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن حادثي جي سببن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو