اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ابو ظهبي پورٽس گروپ جي عملدارن سان ملاقات ڪئي، جتي انهن پاڪستان ۾ ابو ظهبي پورٽس جي سيڙپڪاري، ڪراچي پورٽ جي توسيع ۽ جديد پورٽ انفراسٽرڪچر تي بحث ڪيو.صدر زرداري سان ابو ظهبي پورٽس گروپ جي ملاقات دوران، ڪراچي پورٽ جي توسيع ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ٻنهي ڀائر ملڪن جديد پورٽ انفراسٽرڪچر تي زور ڏنو، ۽ بندرگاهن جي گنجائش وڌائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي بحث ڪيو.صدر آصف علي زرداري ابو ظهبي پورٽس جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ راڄڌاني اسلام آباد ۾ ابو ظهبي پورٽس آفيس جو استقبال ڪيو.ٻنهي وفدن جي وچ ۾ ڳالهين دوران، پاڪستان ۾ ابو ظهبي پورٽس جي سيڙپڪاري تي بحث ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن سامونڊي واپار کي وڌائڻ لاءِ ڀائيواري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.










