شرپسندن ڪئنال ۾ زهر اڇلائي هزارين مڇيون ماري ڇڏيون

شرپسندن ڪئنال ۾ زهر اڇلائي هزارين مڇيون ماري ڇڏيون

سکر(جيرام داس ) بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪينال ۾ شرپسندن مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ زهر اڇلائي ڇڏيو جنهن سبب هزارين مڇيون ۽ آبي جيوت مري وئي آهي زهر اڇلائي مڇي جو شڪار سري عام ڪرڻ باوجود فشريز کاتي، ضلعي انتظاميه سميت ڪنهن به لاڳاپيل اداري نوٽيس ناهي ورتو. مڇي ۽ آبي جيوت جو نسل خطري ۾ پئجي ويو. ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته هر سال بئراج ۽ ڪينالن جي دروازن جي صفائي ٿيڻ ڪري 6 جنوري کان 20 جنوري تائين دروازا بند ڪيا ويندا آهن شرپسند ماڻهو پاڻي ۾ زهر اڇلائي مڇي مارين ٿا آبي جيوت به مري رهي آهي ان باوجود فشريز عملدار، ضلعي انتظاميه سميت ڪنهن به ادارو قدم ناهي کنيو ان ڪري هر سال پاڻي ۾ زهر اڇلائي مڇي ۽ آبي جيوت کي ماريو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته زهر وجهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري مڇي ۽ آبي جيوت جو نسل بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو