سرگوڌا ۾ 26 سالن جي سيڪيورٽي گارڊ خودڪشي ڪري ڇڏي

سرگوڌا ۾ 26 سالن جي سيڪيورٽي گارڊ خودڪشي ڪري ڇڏي

سرگوڌا: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر سرگوڌا ۾ هڪ 26 سالن جي سيڪيورٽي گارڊ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي.ريسڪيو موجب، ارسلان سرگوڌا 47 پل تي واقع هڪ مٺائي جي دڪان تي گارڊ طور ملازم هو. ارسلان پاڻ کي گولي هڻي پنهنجي زندگي جو خاتمو آندو، جڏهن ته خودڪشي جي واقعي جي تصديق سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان ڪئي وئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو تعلق جناح ڪالوني اسٽريٽ نمبر 5 سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو