ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪيو ويو آهي.سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته صرف سٺي حڪمراني ۽ ميرٽ ذريعي ئي اسان بلوچستان جي ماڻهن جي محرومين کي دور ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي رياست سان ڳنڍي سگهون ٿا.هن چيو ته بلوچستان ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ، اسان بلوچستان ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻه نوان ڊويزن، پشين ۽ ڪوه سليمان ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي، ۽ وڌيڪ ڊويزنون ۽ ضلعا ٺاهڻ تي به ڪم جاري آهي.










