آفريدي جو سنڌ جو دورو هڪ سياسي مجبوري آهي: مروت

آفريدي جو سنڌ جو دورو هڪ سياسي مجبوري آهي: مروت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته سنڌ جو دورو خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي سياسي مجبوري آهي.پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته باني جي ڀيڻ عليمه خان کي خوش ڪرڻ لاءِ منهنجي حلقي لاءِ فنڊ روڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن طريقي سان آرڊيننس جاري ڪرڻ هڪ سنگين غلطي آهي، صدر جي دستخط کان سواءِ آرڊيننس لاڳو نٿو ٿئي.ايم اين اي وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن هي غفلت ڪئي آهي انهن کي سزا ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو