واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو. آمريڪي صدر چيو ته هي حڪم آخري آهي ۽ اهو قدم فوري طور تي لاڳو ٿيندو، ۽ ايران سان ڪاروبار ڪندڙ سڀني ملڪن کي آمريڪا سان سڀني واپار تي 25 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.










