سليماني جي جنازي نماز ادا، ٽرمپ جي سر جي قيمت 8 ڪروڙ ڊالر مقرر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي دارالحڪومت تهران ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ فوت ٿيندڙ ايراني فوجي ڪمانڊر قاسم سليماني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي قاسم سليماني جي نماز جنازه پڙهائي جنهن ۾ ان سان گڏ ايران جي صدر حسن روحاني سميت اعليٰ اهلڪار شريڪ ٿيا. ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري جنازي جي ڪوريج براه راست ڏيکاري جنهن موجب ايراني ڪمانڊر جي نماز جنازه ۾ لکين مانهن شرڪت ڪئي، ان مقعي تي سوڳوارن قاسم سليماني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ روڊ رستن تي موجود هيا. رپورٽ مطابق تهران يونيورسٽي جي علائقي ۾ جمع ٿيندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ قاسم سليماني جون تصويرون هيون ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ به هئا جن تي مرده باد آمريڪا مرده باد جا نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي غير معمولي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نشرياتي اداري اسڪرين تي کاٻي پاسي ڪاري پٽي هلائي. سرڪاري نشرياتي اداري تي تهران ۾ قاسم سليماني جي جنازي ۾ عوام کي وڏي تعاد ۾ ڏيکاريو ويو.

فوٽو بشڪريه اي ايف پي

ان کان اڳ 1989 ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي باني آيت الله روح الله خميني جي نماز جنازه ۾ عوام جي ايتري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي. ايراني فوجي ڪمانڊر جي نياڻي زينب سليماني چيو آهي ته قاسم سليماني جي موت آمريڪا لاءِ ڪارو ڏينهن کڻي ايندو. زينب سليماني ايراني نشرياتي اداري تي نشر ڪيل خطاب ۾ چيو ته پاگل ٽرمپ اهو نه سمجهي ته منهنجي والد جي شهادت سان گڏ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري مطابق قدس فورس جي نئين سربراهه چيو ته بغداد ۾ آمريڪي حملي ۾ فوجي ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل کان پوءِ ان جو مقصد آمريڪا کي خطي کان بيدخل ڪرڻ آهي. سرڪاري ريڊيو مطابق تهران ۾ قاسم سليماني جي نماز جنازه کان اڳ اسماعيل قاآني چيو ته اسان ان قوت سان قاسم سليماني جي رستي تي هلڻ جو واعدو ڪيون ٿا ۽ اسان لاءِ واحد بدلو خطي کان آمريڪا کي هٽائڻ آهي. خيال رهي ته 3 جنوري تي عراق جي دارالحڪومت بغداد ۾ ايئرپورٽ ويجهو آمريڪي فضائي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي قدس فورس جو سربراهه ميجر جنرل قاسم سليماني مارجي ويو هو. جنهن کان پوءِ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کان پوءِ ان جي نائب اسماعيل قاآني کي پاسداران انقلاب جي قدس فورس جو سربراهه مقرر ڪيو هو. ٻئي طرف جنازي ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي سر جي قيمت 8 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪئي وئي. منتظمين چيو ته 8 ڪروڙ ايراني قوم مان هر هڪ ، هڪ هڪ ڊالر ٽرمپ کي قتل ڪندڙ شخص کي انعامي رقم لاءِ چندو ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو