سنڌ ۾ ڪشميرين جي حق ۾ مختلف تنظيمن پاران جلوس ،

سنڌ ۾ ڪشميرين جي حق ۾ مختلف تنظيمن پاران جلوس ،

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ جيان سنڌ اندر به مختلف سياسي سماجي، مذهبي ڌرين ۽ انتظاميه پاران  ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيڻ ۽ ڪشميري سان يڪجهتيءَ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون. اسلام ڪوٽ مان صادق بجير مطابق مختلف برادرين طرفان ڪشميري ڀائرن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن خلاف نهڙيا، لنجار، راهما، هندو برادري، واپاري ايسوسيشن سميت ٻين جي سڏ تي حيات نهڙي، سهراب راهمون، ڪليپ پارواڻي، ڊاڪٽرشنڪرلال وانڪواڻي، وريام لنجو، محسن لنجو، زين العابدين هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي وئي. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق ٽائون ڪاميٽي عملي پاران ڪشميرين سان يڪجهتي طور منيش ميگهواڙ، گرڌاري لوھاڻو، بشير حجام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ڪشميرين سان ظلم بند ڪريو پاڪستان زنده باد ھندستان مرده باد جا نعرا ھنيا ويا.

ميهڙ مان غلام حسين پنهور مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ سياسي سماجي، شهري اتحاد ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، عبدالستار چنه، حافظ منظور چانڊيو، اڪبر پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. *** چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح مطابق پاڪستان سني تحريڪ پاران ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور صوبائي اڳواڻ مولوي منظور احمد قادري، محمد صديق ميمڻ، حاجي رفيق ميمڻ، راشد ميمڻ فيروز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. *** جاتي مان محمد صديق ٻارڻ موجب پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذيشان علي خواجه جي اڳواڻي ۾ لينڊا چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مدرسن جي شاگردن سميت ڪيترن ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي کي ايڊووڪيٽ ذيشان علي خواجه، صادق آرائين، سليم هڱورجو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

*** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق پوري ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به اقوام متحدا ۾ ڪشمير جي خودمختياري بابت پيش ٿيندڙ قرارداد جي منظور ٿيڻ، ڪشميري عوام سان اظھار يڪجھتي ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آزادي جي حوالي سان ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مختيار علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر  ناٿو خان راهمون، غلام نبي ساهڙ، ڪيول رام سوٽهڙ، انور علي ساهڙ ۽ ٻين آفيسرن سميت استادن، شھرين ۽اين جي اوز جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ *** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق ضلعي انتظاميه مٽياري پاران ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ ۽ ڀارت جي رياستي جبر ۽ ڏاڍ خلاف ضلع جي ٽنهي تعلقن ۾ ڊپٽي ڪمشنر غلام حيدر چانڊيو جي خاص هدايتن تي ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن، شاگردن، استادن، سول سوسائٽي توڙي عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ريلي ۾ ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالڪريم سنگراسي، مخدوم هائوس جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب درياءَ خان برهماڻي، عادل اڪبر ڪاڇي، جاويد خاصخيلي ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن پاران ڪشمير سان يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي. *** ڏهرڪي مان قادر جٽ مطابق پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل طرفان ضلعي صدر ميان عبدالمالڪ المعروف ميان مجن سائين ۽ ميان خالد حسين قادري جي اڳواڻي ۾ درگاھ ڀرچونڊي شريف کان ڏھرڪي پريس ڪلب تائين ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميان مجن سائين، ميان خالد حسين قادري ، بدرالدين پنھيار، سيد جميل شاھ،مولوي جان محمد سڪندري، علي نواز مهر، سردار راڄڙ غلام رسول پنھيار، وزير احمد پنھيار ۽ ٻين خطاب ڪيو. *** جيڪب آباد مان جيڪب آباد عبدالنبي شيخ مطابق جمعيت علماءِ اسلام پاران پوري دنيا وانگر ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيڻ لاءِ هڪ احتجاجي مظاھرو جي يو آءِ جي صوبائي نائب صدر مولانا سيد سراج احمد شاھ امروٽي، ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، مولانا عابد ابڙو، عبدالرشيد مھر، حافظ عبدالوهاب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رٿيل تاجدار مدينه  ڪانفرنس بعد مسجد شيراز مدد پور کان مظاهرو ڪڍيو ويو.

مظاھرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا. مظاھرين مختلف رستن تي مارچ ڪري ڪشميرين جي حق ۽ ڀارت جي خلاف نعرا هنيا. ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته 5  جنوري 1959 تي يو اين او پاران ريزوليشن پاس ڪرايو ويو ته ڪشمير کي حق خود ارديت ڏنو ويندو پر افسوس جو ان تي عمل نه ٿيڻ تي يو اين او جي ناڪامي آھي. اڄ  به ڪشمير، جمون ۽ لداخ جي مسلم اڪثريت علائقن ۾ غير يقيني صورتحال آهي. 144 قلم تحت پابنديون نافذ آھن اتي عوام سميت صحافين، شاگردن ۽ واپارين کي وڏي مشڪلات آهي. هنن مطالبوڪيو ته يو اين او جي قراردادن مطابق ڪشميرين کي حق خود ارديت ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو