اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايف بي آر شگر ملز جي نگراني جي فرضن کان غير حاضر رهڻ تي ڇهن آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.انهن آفيسرن کي کنڊ جي پيداوار جي اثرائتي، شفاف ۽ بي ترتيب نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.انهن جي غير حاضري ايل ٽي او لاهور پاران ڪيل معمول جي نگراني دوران ظاهر ٿي.غفلت ۽ لاپرواهي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي، ايل ٽي ۽ لاهور لاڳاپيل آفيسرن خلاف تاديبي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.ايف بي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، غفلت جي الزام ۾ انهن آفيسرن کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پنهنجي سڀني فيلڊ فارميشنز ۾ نظم و ضبط، سالميت ۽ پيشه ورانه معيار کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.ايف بي آر موجب، فرضن ۾ غفلت، بدانتظامي يا مقرر ڪيل ذميوارين جي عدم تعميل سان قانون جي تحت سختي سان منهن ڏنو ويندو.










