ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه صوبي ۾ 7 ڏينهن واري پوليو مهم جو سومر ڏينهن افتتاح ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پوليو مهم جي افتتاح جي موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته 15 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ 7 ڏينهن واري مهم سنڌ جي 30 ضلعن جي هڪ هزار 345 يوسيز ۾ هلائي ويندي، جنهن دوران هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.هن چيو ته پوري دنيا اهڙي ئي طريقي سان هن بيماري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آهي، اها شرم جي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ صرف پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو موجود آهي. ان جو صرف هڪ ئي علاج آهي ته پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن، ٻين اسلامي ملڪن به ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري هي مرض ختم ڪيو آهي.سنڌ جي وزيراعليٰ چيو ته گذريل سال به 30 ٻارن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي، جن مان 9 جو تعلق سنڌ سان هو. هي مرض گهٽجي ويو هو پر ڪجهه سالن کان ٻيهر وڌيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن مهم ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائين ورڪر حصو وٺندا، جن جي حفاظت لاءِ 21 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. هن والدين ۽ عوام کان اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين.










