اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر منتقل ڪيا آهن.اسٽيٽ بينڪ جي بيان موجب، پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض جي قسطن ۾ 1.2 ارب ڊالر مليا آهن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 200 ملين ڊالر جاري ڪيا ويا آهن.آءِ ايم ايف 7 ارب ڊالر جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت تحت 1 ارب ڊالر ۽ پاڪستان لاءِ لچڪ ۽ پائيداري سهولت تحت 200 ملين ڊالر جي قرض جي منظوري ڏني هئي.










