پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ شام جون عدالتون فعال ٿي ويون آهن.پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ٻئي شفٽ عدالتن جو افتتاح ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ماڻهن کي جلد کان جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ محمد زيب جو چوڻ آهي ته پهرين شام جون عدالتون ايبٽ آباد ۾ شروع ڪيون ويون، پشاور ۾ ٻه ٻئي شفٽ عدالتون فعال ڪيون ويون.










