ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) “پاڪستان ڪسٽمز الڳ الڳ ڪارروائين ۾ گڏيل طور 17 ڪروڙ رپين جي ماليت جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪري ورتيون.
فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي ٽول پلازا جي ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 564 اعليٰ معيار جا اسمگل ٿيل موبائيل فون ۽ هڪ ٽيمپرڊ لينڊ ڪروزر ضبط ڪئي، جن جي گڏيل ماليت 9 ڪروڙ 60 لک رپيا آهي.
ايف بي آر مطابق، گاڏي جي اندر خاص تيار ڪيل 5 ڳجهن خانن مان مختلف برانڊن جا 564 موبائيل فون لڪيل حالت ۾ مليا، جن جي ماليت 6 ڪروڙ 40 لک رپيا آهي۔ بعد ۾ فارنزڪ رپورٽ مان پڻ تصديق ٿي ته لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 20 لک رپين جي ماليت واري هي گاڏي به ٽيمپرڊ ۽ نان ڊيوٽي پيڊ آهي.
ايف بي آر موجب، ٻئي ڪارروائي دوران ڊيرا اسماعيل خان ۾ 3 ٽرڪن مان 12 هزار 200 ڪلوگرام ڇاليا، 4 هزار 21 غير ملڪي سگريٽ ۽ 170 ٽائر برآمد ڪيا ويا.”










