اسلام آباد (بيورو) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) نومبر ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.ايف بي آر ذريعن موجب، نومبر ۾ هڪ هزار 34 ارب رپيا هدف جي ڀيٽ ۾ 878 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي ٿي سگهي آهي، اهڙي طرح نومبر ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو شارٽ فال 156 ارب رپيا رهيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ۾ شارٽ فال ۾ اٽڪل 5 ارب رپين جي گهٽتائي متوقع آهي ۽ ڊسمبر ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف 1406 ارب رپيا مقرر آهي.ذريعن موجب، هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 5 مهينن دوران ٽيڪس اوڳاڙي 5083 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 4715 ارب رپيا رهي ۽ مجموعي طور تي 413 ارب رپيا شارٽ فال آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس اوڳاڙي جي هدف تائين پهچڻ لاءِ ايف بي آر آفيسون کليل رهنديون.










