اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي اهڙو سياسي طريقو اختيار ڪيو آهي جو صوبي جي ماڻهن کي گورننس جي فراهمي پوئتي هلي وئي آهي.پنهنجي بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته انهن جو سڄو ڌيان هڪ غير قانوني مطالبي تي مرڪوز آهي ته باني کان سياسي رهنمائي حاصل ڪئي وڃي، جيڪو بدعنواني جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي، جيڪو جيل جي ضابطن جي خلاف آهي.هن چيو ته صوبائي حڪومت امن، ترقي ۽ عوامي رليف جي ترجيحن جي بدران ڏينهن رات اسلام آباد ۾ هن غير قانوني بيانيي جي چوڌاري گهمي رهي آهي.










