اسلام آباد: (رپورٽ اياز مھر ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سڀني کان پهريان اسان کي بنيادي مسئلي کي ڏسڻو آهي. هڪ سال اڳ 26هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ آندي وئي عدليه بابت 26هين ترميم هن وقت به عدالت ۾ آهي مٿان وري نئين ترميم آندي وئي، جي يو آءِ آئيني عدالت جي حق ۾ هئي.هن چيو ته 27هين آئيني ترميم سان نه دستور ۾ بهتري ايندي نه عوامي مفاد جي گهرج پوري ٿي سگهندي. 27هين آئيني ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا، حڪومت عدليه کي مڪمل طور تي پنهنجي طاقت جي هيٺ رکڻ چاهي ٿي.هن چيو ته اسان آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي. اپوزيشن ۽ هر مڪتب فڪر کي ڀروسي ۾ آئين ٺاهيو ويو هو، پيپلز پارٽي به جمهوريت جي نفي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پيپلز پارٽي پنهنجي روايتن کي برقرار نه رکي سگهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ اهڙيون ڏکيائيون آهن جو انهي کي عدالت به سمجهي نه پئي سگهي، ترميم پاس ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اوهان سڀني کي ترجيح ڏيو ۽ اعتماد ۾ وٺو. 27هين آئيني ترميم ۾ هڪ تاحيات ڇوٽ ڏني وئي، جنهن آصف علي زرداري کي سالن تائين جيل ۾ رکيو ويو هاڻ انهي تي تاحيات ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهندو.مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم گڏيل مشاورت سان اڳيان وڌي ۽ چئي سگهجي ٿو ته گڏيل طور تي منظور ٿي، اسان مسلسل چئي رهيا آهيون ته اهڙي ڪابه ترميم منظور نه ٿئي جنهن سان گڏيل ٽائٽل مجروح ٿئي، 27هين ترميم آڻڻ کان اڳ هنن جو فرض هو ته اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺن ها.هن چيو ته 26هين ترميم اسان سان عهدوپيمان هو پر 27هين ۾ اسان کي نظر انداز ڪيو ويو، بنيادي سبب اهو هو ته جبري طور تي پارٽي مان ماڻهن کي ٽوڙيو ويو، جعلي تعداد پوري ڪئي وئي اهو سڀ پارليامينٽ ۽ جمهوري قدمن جي خلاف ٿيو، انهي سان حڪومت جي عزت ۾ اضافو نه ٿيو.










