سعودي فوجي سربراھھ جي وزيراعظم سان ملاقات، لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

سعودي فوجي سربراھھ جي وزيراعظم سان ملاقات، لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سميت ٻين سمورن شعبن ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم جنرل الرويلي جي آجيان ڪئي ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب پاران پاڪستان کي هر وقت فراهم ڪئي ويندڙ اڻٿڪ حمايت ۽ يڪجهتي تي سعودي عرب کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل مذهبن، هڪ جهڙي قدرن ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. وزيراعظم گذريل ٻن مهينن دوران رياض جي پنهنجي انتهائي ڪامياب دورن جو ذڪر ڪيو جن دوران ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم گڏيل تربيت، مشقن ۽ مهارت جي مٽاسٽا سميت ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم کي پڻ اجاگر ڪيو. جنرل الرويلي سعودي قيادت پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. هن پاڪستان سان موجوده بهترين دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ مملڪت جي مضبوط خواهش جو ورجاءُ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو