اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 0.07 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مجموعي سالياني مهانگائي جي شرح 3.53 سيڪڙو رهي.وفاقي شماريات بيورو مهانگائي تي هڪ هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي، جنهن مطابق گذريل هفتي ۾ 16 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، جڏهن ته 13 شيون سستيون ٿيون ۽ 22 جون قيمتون مستحڪم رهيون.هڪ هفتي ۾ ٽماٽن جي قيمتن ۾ 57.03 سيڪڙو، لہسن ۾ 2.61 سيڪڙو ۽ کنڊ ۾ 2.23 سيڪڙو واڌ ٿي.ان کان علاوه ڪيلا 0.72 سيڪڙو ۽ چانهه ۾ 0.59 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته ڊيزل، گوشت، کاڌي جو تيل، ايل پي جي ۽ ڪاٺ جي اگهن ۾ به واڌ ٿي.ان کان علاوه، هڪ هفتي ۾ پياز 12.38 سيڪڙو ۽ مرغي 8.07 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته آلو، اٽو، انڊا، دال، مونگ ۽ چڻا جي دال به سستا ٿيا.










