اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان اتحاد (TTAP) جمعي ڏينهن اهو عزم ورجايو آهي ته تڪراري 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جي منظوري کان پوءِ هو آئين کي پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ڪرائڻ لاءِ هر جمهوري طريقي سان ڀرپور احتجاج ڪندو. گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري تڪراري 27هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ان کي قانون بڻايو هو. تهريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد اڳ ۾ ئي آچر کان ملڪ گير احتجاجي مهم جو اعلان ڪري چڪو هو ۽ عوام کي اپيل ڪئي هئي ته آئين ۾ هن “انتهائي اونداهي ۽ خطري واري” تبديلي خلاف آواز اٿارين. 26 هين آئيني ترميم پارليامينٽ آڪٽوبر 2024ع جي هڪ رات واري سيشن ۾ پاس ڪئي هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي هئي ته انهن جي ستَ ميمبرن کي قانون پاس ڪرائڻ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو، ڇو ته پارٽي هن قانون جي مخالفت ڪري رهي هئي. بلوچستان نيشنل پارٽي-مينگل (BNP-M) به الزام هنيو هو ته انهن جي ٻن سينيٽرن تي دٻاءُ وجهي ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ۽ پوءِ ٻنهي پارٽي لائن خلاف ووٽ ڏنو. اڄ X تي ڪيل هڪ پوسٽ موجب،TTAP ايمرجنسي اجلاس مجلس وحدت المسلمين جي چيئرمين سينيٽر علامه راجا ناصر عباس جي رهائشگاهه تي ٿيو. شرڪت ڪندڙن ۾ اسد قيصر، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي، جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا، بلوچستان نيشنل پارٽي-مينگل جو سربراهه سردار اختر مينگل، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جو چيئرمين محمود خان اچڪزئي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا، جن ۾ سيد زين علي شاهه، مصطفيٰ نواز کوکر، علي اصغر خان، حسين اخوندزادا، شاهد خاقان عباسي ۽ شوڪت بسره شامل هئا. اجلاس کان پوءِ ميمبرن مارشلا ۽ آئين خلاف، ۽ عمران خان ۽ جمهوريت جي حق ۾ نعرا هنيا. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پريس رليز ۾ اتحاد چيو: “TTAP انهن غير آئيني ترميمن خلاف پنهنجي مزاحمت ۽ جدوجهد کي ورجائيندو ۽ آئين کي پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ڪرائڻ لاءِ هر جمهوري طريقي سان ڀرپور احتجاج ڪندو.” بيان ۾ چيو ويو ته هي ترميمون آئين جي بنيادي ڍانچي جي خلاف آهن ۽ جمهوريت جي بنيادي ٿنڀ عدليه تي حملو آهن، جن عدليه کي انتظاميا جي ماتحت ڪري ڇڏيو ۽ آئين جو بنيادي ڍانچو تباهه ڪيو، گڏوگڏ ذاتي نوعيت جون تبديليون متعارف ڪرايون. TTAP چيو ته اتحاد ۽ ٻيا اڳواڻ انهن ترميمن کي رد ڪن ٿا ۽ مطالبو ڪن ٿا ته آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. TTAP چيو: “انهن تڪراري آئيني ترميمن عدليه کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي اختيار ۽ وجود کي محدود ڪري ڇڏيو آهي.” اتحاد سپريم ڪورٽ جي ججن منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله جي استعيفائن جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن کي “آئين تي ڌاڙي” خلاف مزاحمت قرار ڏنو، ۽ انهن ججن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن پنهنجو آئيني حلف نڀايو. 27هين ترميم خلاف قدمن جو ذڪر ڪندي TTAP چيو ته قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽر سومر تي قومي اسيمبلي کان سپريم ڪورٽ تائين مارچ ڪندا، خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ 27هين ترميم خلاف قرارداد پيش ڪئي ويندي ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر وڪيلن سان گڏ سومر تي لاهور هاءِ ڪورٽ تائين مارچ ڪندا. TTAP ايندڙ جمعي ڏينهن ملڪ ڀر ۾ “ڪارو ڏينهن” ملهاڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ٻين اعلانن ۾ TTAP چيو ته هو ڪي پي پيِس جرگه جي قرارداد جي مڪمل حمايت ڪن ٿا ۽ ان تي عملدرآمد جو مطالبو ڪن ٿا؛ عمران خان، هن جي گهرواري ۽ پي ٽي آءِ جي قيد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي فوري آزادي، ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ميمبرن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿو. پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪميٽي اڳ ۾ ئي 27هين آئيني ترميم جي منظوري خلاف ملڪ گير احتجاجن جي تجويز ڏئي چڪي آهي. سابق ۽ موجوده ججن ۽ وڪيلن به هن ترميم جي مخالفت ڪئي آهي، خاص طور تي ان جي سپريم ڪورٽ تي اثرن جي ڪري.
تڪراري بل
حڪومت جو 27هين آئيني ترميم جو منصوبو تقريباً هڪ سال پوءِ سامهون آيو، جڏهن هن 26هين آئيني ترميم کي منظور ڪرايو هو. جيتوڻيڪ 26هين ترميم تڪرارن ۾ جڪڙيل رهي ۽ عدالت ۾ چيلينج ٿيندي رهي، اسلام آباد جي اقتداري ڪوريڊورز ۾ 27هين ترميم بابت ڳالهيون جاري رهيون. اهو ڏکيو سوال، ته ڇا حڪومت وڌيڪ آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي، ان وقت ختم ٿيو جڏهن بلاول 3 نومبر تي X تي لکيو ته حڪومت ان ترميم لاءِ سندس پارٽي جي حمايت گهري آهي. ان کان پوءِ، وزيراعظم ٻين ساٿين سان به صلاح مشورا ڪري متنازع ترميم جي لاءِ حمايت حاصل ڪئي.










