لاهور (ويب ڊيسڪُ)لاهور شهر ۾ سموگ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا مارڪيٽن جي ڪم جا ڪلاڪ تبديل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.ضلعي انتظاميا پاران ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنرن کي خط جاري ڪيو ويو آهي.خط ۾ ضلعي انتظاميا اسسٽنٽ ڪمشنرن کي روزاني جي بنياد تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ضلعي انتظاميا موجب سموگ کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪيٽون رات 10 وڳي بند ٿينديون ۽ لاهور ۾ سڀئي ريسٽورنٽ رات 11 وڳي بند ٿيندا.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته نئين ڪم جي ڪلاڪن تي پابنديون ضروري آهن، خلاف ورزين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










