صارفين جي سهولت لاءِ گوگل ڪروم ۾ نئون فيچر متعارف

صارفين جي سهولت لاءِ گوگل ڪروم ۾ نئون فيچر متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ استعمال ڪندڙ ماڻهو هاڻي ويب برائوزرز ۾ موجود “آٽو فل” فيچر جا عادي ٿي چڪا آهن. هن فيچر جي ذريعي، صارفين مختلف خدمتن ۾ پنهنجو نالو، پاسورڊ، رهائشي پتو ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ نمبر وغيره ياد رکڻ کان سواءِ پاڻمرادو داخل ڪري سگهن ٿا. هاڻي گوگل ڪروم ۾ آٽو فل فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. ڪمپني مطابق، نئين “Enhanced Autofill” فيچر ۾ صارفين پنهنجي پاسپورٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ گاڏي جي نمبر پليٽ جو تفصيل به شامل ڪري سگهندا. گوگل جي هڪ بلاگ پوسٽ موجب، هي فيچر ڊيفالٽ طور تي بند هوندو ۽ صارف کي پاڻ مرادو ان کي آن ڪرڻو پوندو. هي فيچر آن ڪرڻ لاءِ، گوگل ڪروم سيٽنگز ۾ وڃي “Autofill and Passwords” آپشن کوليو، ۽ اتي “Enhanced Autofill” کي آن ڪيو. گوگل ٻڌايو ته نئون ڪروم هاڻي مشڪل فارم ۽ مختلف فارميٽنگ ضرورتن کي وڌيڪ سٺي نموني سمجهي سگهندو. Enhanced Autofill فيچر سڀني ٻولين ۾ دستياب هوندو، ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان ۾ وڌيڪ ڊيٽا آپشنز شامل ڪيا ويندا. واضح رهي ته ڪروم گوگل جو انتهائي اهم حصو آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ويب برائوزر آهي، جنهن جو مارڪيٽ شيئر 73 سيڪڙو آهي. نئين فيچرز جو اضافو ان لاءِ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن صارفين ٻين برائوزرز ڏانهن نه وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو