راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (ISPR) ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته افغانستان پاران رکيل شرطن جي ڪا اهميت ناهي، اسان لاءِِ رڳو دهشتگردي جو خاتمو اهم آهي. اهڙو اظهار هن سليڪٽڊ ميڊيا آئوٽ ليٽس جي سينئر صحافين کي بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو. جنرل چوڌري چيو: “افغانستان پاران رکيل شرطون ڪا اهميت نٿيون رکن، اهم ڳالهه دهشتگردي جو خاتمو آهي .” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سلامتي جا ضامن افغان نه، پر پاڪستاني فوج آهي، ۽ اسلام آباد ڪڏهن به طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ تي جشن نه ملهايو هو. جنرل چوڌري وڌيڪ چيو: استنبول ۾ افغان طالبان کي واضح طور ٻڌايو ويو ته انهن کي دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. اهو هو ڪيئن ڪندا، اها انهن جي ذميواري آهي. اسان دهشتگردي خلاف آپريشن ڪيو، ۽ دهشتگرد افغانستان ڀڄي ويا. انهن کي اسانجي حوالي ڪريو، اسان قانون ۽ آئين مطابق سندن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.” هن واضع چيو ته: “دهشتگردن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، ۽ پاڪستان، افغان طالبان کي هڪ مناسب جواب ڏنو، جنهن سان گهربل نتيجا حاصل ٿيا.”
نارڪو اڪانامي
ڊي جي آءِ ايس پي آر دهشتگرد تنظيمون ۽ ڏوهاري گروهن جي ڳٺجوڙ تي روشني وجهندي چيو ته دهشتگردي جو هڪ ڪارڻ نارڪو اڪانامي به آهي، خيبر پختونخوا ۾ 12 هزار ايڪڙن تي ڏوڏي جي پوک آهي. جنهن مان اسين ڪافي حد تائين وادي تيراه ۽ ٻين جاين تي ختم ڪئي آهي. هي ڏوڏي ذريعي في ايڪڙ 18 کان 25 لک رپيا ڪمائن ٿا. هن چيو: “سڄي آبادي، بشمول مقامي سردار به هن ڪم ۾ شامل آهن ۽ سڀ گڏجي ڪم ڪن ٿا.” جنرل چوڌري وڌيڪ چيو ته ڪي پي واري ڏوڏي افغانستان وڃي ٿي جنهن مان هيروئن، آئيس ۽ ٻئي منشيات افغانستان مان پاڪستان ۽ اڳتي ٻين ملڪن تائين اسمگل ٿي رهي آهي، ۽ افغان منشيات اسمگلر پاڻ افغان سياست ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. سينيئر صحافي حامد مير، جيڪو بريفنگ ۾ شامل هو، چيو ته صحافين کي افغان طالبان جي اهڙن سپاهين جا ثبوت ڏيکاريا ويا جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هئا. هن ٻڌايو: “اهي ئي ثبوت آهن جيڪي دوحه ۾ افغان طالبان سان شيئر ڪيا ويا هئا. انهن سپاهين وٽ افغان ۽ افغان آرمي جا سڃاڻپ ڪارڊ موجود هئا.” هڪ سوال تي هن چيو ته آمريڪا ۽ طالبان ۾ جيڪو دوحا معاهدو ٿيو هو ان ۾ طالبان واعدو ڪيو هو ته هو لويا جرڳو گهرائي سڀني ڌڙن تي مشتمل حڪومت ٺاهيندا ۽ افغان ڌرتي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، پر هو ان واعدي تي عمل نٿا ڪن. هن چيو ته اسين اڄ به امن چاهيون ٿا ۽ ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسين ڪاروائي شروع ڪئي ته ڪجهه دوست ملڪن جي چوڻ تي ڪاروائي روڪي ڳالهين جو عمل شروع ڪيو، دهشتگردي جو خاتمو لازمي آهي، جيڪڏهن افغان طالبان ڪردار ادا نه ڪيو ته اسين ان جو خاتمو ڪنداسين. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير بابت سوال تي هن چيو ته مان سرڪاري ملازم آهيان سهيل آفريدي وڏو وزير آهي، گورنر راڄ جو ڳالهيون خيالي آهن، پر قانون مطابق حڪومت وٽ اهو آپشن موجود آهي.
سرحدي ڇڪتاڻ ۽ ڳالهه ٻولهه
تازن هفتن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنهن ۾ سرحدي جھڙپون، الزامن ۽ تڪرارن جو سلسلو شامل هو. گذريل مهيني 11 آڪٽوبر تي افغانستان طرفان پاڪستان تي حملو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ افغان طالبان پاڪستان تي ايئر اسٽرائيڪ جو الزام هنيو، جنهن جي اسلام آباد نه تصديق ڪئي نه ترديد. پاڪستان جو موقف رهيو آهي ته طالبان کي گهرجي ته دهشتگرد تنظيمن کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪين. طالبان البته اهو الزام رد ڪن ٿا. ان دوران، پاڪستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون جاري آهن. 11 آڪٽوبر واري حملي کان پوءِ وڌيڪ سرحدي جھڙپون پڻ ٿيون، جڏهنته پاڪستان طرفان گل بهادر گروپ جا ڪيمپ افغانستان ۾ نشانو بڻايا ويا. آخرڪار، ٻنهي ملڪن دوحه ۾ ڳالهين ذريعي هڪ عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو، ۽ طئي ٿيو ته استنبول ۾ ٻيهر ملاقات ڪندي دائمي امن ۽ استحڪام لاءِ لائحه عمل تي ڪم ڪيو ويندو. ترڪي ۽ قطر ٻنهي جا پاڪستان سان گهرا لاڳاپا آهن، ۽ قطر اڳ ۾ به افغان طالبان ۽ نيٽو وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
آپريشنز جا تفصيلي انگ اکر
ڊي جي آءِ ايس پي آر هلندڙ سال 2025 ۾ اڃا تائين ڪرايل دهشتگردي خلاف آپريشنز جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هن سال ۾62,113 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا، جن مان 208 آپريشن روزانو بنياد تي ڪيا ويا. سال 2025 ۾ اڃا تائين 4,373 دهشتگردي جا واقعا رپورٽ ٿيا، ۽ انهيءَ سال ۾ اڃا تائين 1,667 دهشتگرد قتل ڪيا ويا، جن مان 128 افغان شهري پڻ شامل هئا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته تازو ٽي-چار مهينن جي جھڙپين دوران 112 خارجي ماريا ويا، ۽ انهن ڪارروائين ۾ افغان فوج جا 206 سپاهي به مارجي ويا. سرحدي علائقن ۾ ماريل دهشتگردن ۾ وڏي انگ افغان شهري جو هو. افغان طالبان، بلوچ لبريشن آرمي (BLA) ۽ خوارجن جا اڍاڙا سرحدي علائقن مان رهائشي علائقن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. بلوچستان ۾ جيڪي دهشتگرد سرگرم هئا، انهن کي پڻ افغانستان ۾ ٺڪاڻا مهيا ڪيا ويا آهن. سرحدي علائقن مان رهائشي علائقن ڏانهن منتقلي جو مقصد دهشتگردن کي هيومن شيلڊ فراهم ڪرڻ آهي. ڀارت جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته: “اسانکي شڪ آهي ته ڀارت سمنڊ جي رستي ڪو فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو؛ ڀارت سمنڊ جي اندر ڪنهن ڪارروائي ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ ڪوڙيون دعوائون ڪندو ته پاڪستان خلاف ڪا وڏي ڪارروائي ڪئي وئي. اسان ڀارت جي امڪاني ڪاررواين بابت آگاھه آهيون ۽ مڪمل طور تي الرٽ آهيون.” غزه ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال تي هن چيو ته اهو فيصلو پارليامينٽ ڪندي.










