ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي خلاف ڪيس واپس وٺڻ لاءِ خط لکيو آهي،ايف آءِ اي ڪرائم سرڪل ڪيس کي منسوخ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ داخل ڪرڻ جي اجازت گهري آهي،خط ۾ ڪيس کي منسوخ ڪرڻ يا ان کي سي ڪلاس ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي،خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته ڪيس ۾ نامزد شبر زيدي، ايف بي آر آفيسرن ۽ خانگي بينڪ ملازمن جا نالا ڪڍيا وڃن، ۽ ڪيس کي سي ڪلاس ۾ شامل ڪرڻ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي،خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس چالان جي ڪالم ٻئي ۾ شبر زيدي، ايف بي آر آفيسرن ۽ خانگي بينڪ ملازمن جا نالا درج ڪيا وڃن.










