ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي زون هڪ ڪارروائي دوران غير قانوني ڪرنسي مٽاسٽا ۾ ملوث هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو،ايف آءِ اي ترجمان موجب، شڪي کي ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن مان گرفتار ڪيو ويو. شڪي شخص حوالا هنڊي ۾ پڻ ملوث هو،ايف آءِ اي ترجمان چيو ته شڪي کان 55 هزار آمريڪي ڊالر به هٿ ڪيا ويا آهن. شڪي شخص لائسنس کانسواءِ ڪرنسي مٽاسٽا جو ڪاروبار ڪري رهيو هو، ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار شڪي کان موبائل فون ۽ حوالا هنڊي سان لاڳاپيل ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن.










