ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ موسم ايندڙ 3 ڏينهن تائين گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن تائين وقفي وقفي سان تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. اتر اوڀر کان خشڪ ۽ مٽيءَ واريون هوائون هلنديون رهنديون، ڏينهن جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، جڏهن ته رات جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 22 کان 25 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ موجود دٻاءُ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر طرف وڌيو آهي. هن وقت پاڪستان جي ڪنهن به ساحلي علائقي کي هن نظام کان ڪو به خطرو ناهي، موسميات کاتي موجب، هي نظام ڪراچي کان 880 ڪلوميٽر ۽ هندستان جي گجرات کان 510 ڪلوميٽر پري آهي. اڄ هن نظام جي اثر هيٺ ٿرپارڪر جي ضلعن ۾ هلڪي برسات يا بوندا باندی ٿي سگهي ٿي.










