پي پي کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت ملي وئي

پي پي کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت ملي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آچر تي فارورڊ بلاڪ جي 10 ميمبرن جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت بعد آزاد جمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) ۾پي پي حڪومت ٺاهن لاءِ گهربل اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. آزاد ڪشمير جي 10 ئي ميمبرن 2021 جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر بعد فارورڊ بلاڪ ٺاهي مسلم ليگ (ن) جي مدد سان حڪومت قائم ڪئي هئي. اي جي ڪي مان پي پي پي جا قانون ساز گذريل ڏينهن به پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري چڪا هئا، جنهن ۾ موجوده وزيراعظم چوڌري انور الحق کي هٽائڻ جا امڪاني آپشن غور هيٺ آيا هئا. اڄ جي هن اڳڀرائي سان پيپلز پارٽي اي جي ڪي جي قانون ساز اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي ۽ کين حڪومت سازي لاءِ سادي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي. 53 ميمبرن واري اسيمبلي ۾ هاڻي پي پي پي کي 27 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، ان کان پوءِ مسلم ليگ (ن) وٽ 9، پي ٽي آءِ وٽ 5 ۽ ٻه علائقائي پارٽيون هڪ هڪ ميمبر سان موجود آهن. چوڌري انورالحق جي اڳواڻي هيٺ پي ٽي آءِ جو باغي گروپ هاڻي 10 ميمبرن تائين محدود ٿي ويو آهي. ان سان گڏ ئي پيپلز پارٽي جي حڪمران پارٽي بڻجڻ جا امڪان نمايان طور وڌي ويا آهن. پي پي پي جي قانون ساز چوڌري قاسم مجيد ڊان ڊاٽ ڪام سان ڳالهائيندي چيو: “ها، اسان هاڻي اهڙي پوزيشن ۾ آهيون جو موجوده وزيراعظم چوڌري انورالحق کي هٽائي پنهنجي صفن مان نئون اڳواڻ چونڊي سگهون ٿا.” هن تصديق ڪئي ته آچر جي شام تائين ڏهه پي ٽي آءِ قانون سازن گڏيل ۽ الڳ الڳ ملاقاتن ۾ فريال ٽالپر سان زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري پي پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. انهن مان پنج قانون ساز اي جي ڪي جي صدر بئريسٽر سلطان محمود جي ڪيمپ سان تعلق رکندا هئا. جن ۾ سندس پٽ ياسر سلطان، سالو چوڌري ارشد، ميرپور ڊويزن مان چوڌري اخلاق، مظفرآباد ڊويزن مان چوڌري محمد رشيد، ۽ پونڇ ڊويزن مان سردار محمد حسين شامل آهن. سينيئر پي پي پي اڳواڻ اظهر اقبال موجب، صدر جي ڪيمپ سان تعلق رکندڙ عورت ميمبر صبيحه صديقي في الحال شموليت کان رڪجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته کيس امڪاني وزيراعظم جي اميدوار بابت تحفظات آهن. ان کان پوءِ ڪوٽلي مان ظفر اقبال ملڪ به الڳ طور پي پي پي ۾ شامل ٿي ويو. ساڳي نموني سان عبدالـمجيد خان، چوڌري اڪبر ابراهيم، ۽ آصف شريف بٽ (مهاجر تڪن مان) ۽ پونڇ ڊويزن مان سردار فهيم رباني به گڏجي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پي پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. اهي سڀ ڏهه قانون ساز چوڌري انورالحق جي ڪابينا جو حصو آهن. انهن مان صرف ٽن مهاجر ميمبرن اڳ ۾ ڪابينا مان استعيفا جو اعلان ڪيو هو، پر سندن استعيفائن جو ڪو به سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو هو. پي پي پي جي علائقائي صدر چوڌري محمد ياسين انهن مان ڪنهن به ملاقات ۾ موجود نه هو. مجيد ٻڌايو ته پي پي پي پارلياماني پارٽي ڇنڇر تي ٻه اجلاس ڪيا هئا. پهريون بلاول ڀٽو زرداري سان، جتي متفقه فيصلو ڪيو ويو ته مسٽر انورالحق کي هٽايو ويندو. بعد ۾ ٽيم صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس فيصلي کان آگاهه ڪيو. مجيد دعويٰ ڪئي ته ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ وڌيڪ قانون ساز به پي پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي. ساڳئي وقت، مسلم ليگ (ن) اعلان ڪيو آهي ته اها اپوزيشن بينچن تي ويهندي. مسلم ليگ (ن) جي علائقائي صدر شاهه غلام قادر چيو: “اسان حڪومت ٺاهڻ واري عمل جو حصو نه ٿينداسين ۽ اپوزيشن بينچن تي ويهنداسين.” مجيد تصديق ڪئي ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف موجوده سياسي صورتحال تي رابطي ۾ آهن. بهرحال، هن چيو ته کيس اڃا تائين خبر ناهي ته چوڌري انورالحق جي جاءِ تي ڪير ايندو.“هي فيصلو صدر زرداري ۽ پارٽي چيئرمين تي دارومدار رکي ٿو،” ٻئي طرف، چوڌري اظهر صديق، وزير براءِ ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن ۽ وزيراعظم انورالحق جي ويجهي ساٿي چيو ته وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي. “جيتوڻيڪ آئين کيس اهو اختيار ڏئي ٿو، پر هو اهو قدم نه کڻندو،” هن ڊان ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو ته “هو (انورالحق) هميشه چوندو رهيو آهي ته جيڪڏهن سندس مخالفن وٽ 27 ميمبر ٿي ويا ته هو پاڻ استعيفا ڏيندو. جيڪڏهن وٽن ايترا ميمبر آهن ته عدم اعتماد آڻين، اسان منهن ڏينداسين۔” بهر حال، صديق وڌيڪ چيو: “ڪپ ۽ چپ جي وچ ۾ گهڻو فرق هوندو آهي.” سڀئي پي پي پي ميمبر آچر جي رات سنڌ هائوس ۾ گڏ ٿيڻا هئا ته جيئن پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو