راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ٻئي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ڪيترائي دلچسپ لمحا ڏسڻ ۾ آيا، خير ان جو ذڪر بعد ۾ ٿا ڪريون اڳ ۾ اها ڳالهه ته اڄ چوٿين ڏينهن پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 94 رنز جي پنهنجي ٻئي اننگ شروع ڪندو. بابر اعظم 49 ۽ محمد رضوان 16 رنز تي پنهنجي اننگ شروع ڪندا. ڪالهه راند ختم ٿيڻ مهل هڪ انوکو واقعو پيش آيو جيڪو شايد گهڻن ماڻهن جي نظر مان نه گذريو هجي. ٿيو ڇا ته، پاڪستان جي ٻي اننگز دوران ٽئين ڏينهن جي آخري بال تي پاڪستاني بيٽر محمد رضوان ڏکڻ آفريڪي بالر ڪيشو مهاراج جي بال کي ڪور طرف کيڏيو، پر بال سڌو فيلڊر جي هٿ ۾ هليو ويو. رن وٺڻ جو ڪو به موقعو نه هو، تنهنڪري رضوان واپس موٽيو، ۽ ان دوران هن جو بيٽ وڪٽ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سان بيلز ڪري پيون ۽ هو پويليون ڏانهن واپس وڃڻ لڳو. ظاهر ٿي رهيو هو ته رضوان جو اهو عمل غير ارادي طور ٿيو، پر ڏکڻ آفريڪا جي وڪٽ ڪيپر فوري طور تي هٿ مٿي ڪري “هٽ وڪٽ” جي اپيل ڪري ڇڏي. ان وقت امپائر اڃا ڏينهن جي پڄاڻي (Stumps) جو اعلان نه ڪيو هو ۽ بال به اڃا فيلڊر وٽ موجود هو. بهرحال، ميدان ۾ بيٺل امپائر مسڪرائيندي ڏکڻ آفريڪا جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اسڪوائر ليگ امپائر به سندس فيصلي جي تائيد ڪئي. بظاهر ڏکڻ آفريڪي رانديگرن کي اها ڳالهه سمجهائي نه وئي ته امپائرز رضوان کي ناٽ آئوٽ ڇو قرار ڏنو. سوشل ميڊيا تي به هن واقعي جي وڊيو وائرل ٿي، جتي صارفن چيو ته رضوان “هٽ وڪٽ” آئوٽ ٿيو پر امپائرز آئوٽ نه ڏنو.
رضوان کي هٽ وڪٽ آئوٽ ڇو نه ڏنو ويو؟
عام طور تي امپائر پاڻ ڏينهن جي پڄاڻي (Stumps) تي وڪيٽ جون بيلز هٽائيندا آهن، يا ڪڏهن ڪڏهن بيٽر پاڻ ائين ڪندا آهن، پر صرف تڏهن جڏهن بال “ڊيد” ٿي چڪو هجي. هن واقعي ۾ بال اڃا فيلڊر وٽ هو ۽ امپائر پاران به اسٽمپس جو اعلان نه ڪيو ويو هو، تنهنڪري ڏکڻ آفريڪا کي لڳو ته انهن جي اپيل جائز آهي. پر ڪرڪيٽ جا قانون هن معاملي ۾ محمد رضوان ۽ امپائرز جي فيصلي جي حق ۾ آهن.
بيٽر کي ڪهڙي حالت ۾ “هٽ وڪٽ” آئوٽ قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
1 جڏهن بالر پنهنجي ڊليوري اسٽرائيڊ ۾ داخل ٿي چڪو هجي (يعني بال اڇلائڻ واري عمل ۾ هجي)، ۽ بيٽر ان دوران بال کي کيڏڻ جي تياري ۾ يا کيڏڻ دوران پاڻ يا پنهنجي بيٽ سان وڪٽ کي لڳي، تڏهن اهو “هٽ وڪٽ” آئوٽ ٿيندو.
2 جيڪڏهن بيٽر بال کي کيڏڻ کان پوءِ پهريون رن وٺڻ لاءِ ڊوڙي ۽ ان دوران اسٽمپس جون بيلز ڪري پون، تڏهن به “هٽ وڪٽ” آئوٽ ٿيندو.
3 جيڪڏهن بيٽر بال کي کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري، پر پهريون رن وٺڻ لاءِ ڊوڙي ۽ وڪٽ سان ٽڪرائجي وڃي، تڏهن به “هٽ وڪٽ” آئوٽ ٿيندو.
سادن لفظن ۾، جيڪڏهن بيٽر بال کي کيڏي چڪو هجي، رن وٺڻ لاءِ نه ڊوڙي ۽ گيم جي آخري بال تي وڪٽ ڪيري وجهي ته کيس “هٽ وڪٽ” آئوٽ نٿو قرار ڏئي سگهجي. انهيءَ ڪري محمد رضوان کي آئوٽ نه ڏيڻ مڪمل طور تي صحيح فيصلو هو. ياد رهي ته پاڪستان ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 4 وڪٽن جي نقصان تي 94 رنز ٺاهي چڪو هو ۽ ٻي اننگز ۾ کيس 23 رنز جي برتري حاصل هئي.










